تاج محمد فقير

تاج محمد فقير: مشھور بزرگ تاج محمد فقير ڳوٺ وڏا ڀيلار، تعلقي راڻيپور، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. سندس گذر سفر چوپائي مال تي هوندو هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري هُو مال چاري رهيو هو ته انگريز سرڪار جي ڪارندي کانئس ٽيڪس گهريو، جنھن تي هُن چيو ته ’پن چريءَ‘ ڇا جي ۽ زمينون به اسان جون ۽ مال به اسان جو. جنھن تي کيس گرفتار ڪري دهليءَ جي جيل ۾ بند ڪيو ويو. فقير جو پنھنجي ڳوٺ ۾ هڪ واڙو هوندو هو. جڏهن جيل ۾ قيد هو ته رات جو دير سان فقير زوردار رڙيون ۽ هڪلون ڪيون، جنھن تي جيل ۾ قيدي ۽ اهلڪار اٿي پيا. اهلڪارن جڏهن رڙين بابت معلوم ڪيو ته هُن چيو مون خواب ۾ ڏٺو ته منھنجي مال جي واڙي ۾ شينھن وڇيري کي کائي رهيو هو، پر شينھن کي هڪل ڪري وڇيري کي بچائي ورتم. روايت آهي ته انگريز عملدارن اها ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ پنھنجي اهلڪارن کي موڪليو، جن وڃي ڏٺو ته وٿاڻ تي ماڻهو وڇيري کي ملم پٽي ڪري رهيا هئا. اها حقيقت جڏهن عملدارن کي معلوم ٿي ته کيس آزاد ڪيو ويو. سندس وفات کانپوءِ عام روايت آهي ته انگريز سرڪار سندس مقبري کي ڊاهي اتان ريل جون پٽڙيون وڇائڻ پئي چاهيون، پر ريلوي پٽڙين جي لاءِ آندل سامان روز رات جو گم ٿي ويندو هو. آخرڪار انگريزن مجبور ٿي اتان ريلوي پٽڙي وڇائڻ جو فيصلو ترڪ ڪري ڇڏيو. تاج محمد فقير جو ميلو هر سال ٽن ڏينھن تائين جاري رهندو آهي. ان موقعي تي اٺن، گهوڙن ۽ ڏاندن جي گوءِ، ڪٻڊي ۽ ملھه جا مقابلا به ٿيندا آهن. محفل موسيقي، ٻارڙن جي تفريح لاءِ موت جا کوهه، جهولا، مٺائين جا دڪان ۽ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويندا آهن.


لفظ تاج محمد فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو